احمد بخش احمد مورائي

احمد بخش احمد مورائي: احمد بخش ميمڻ 5 جنوري 1920ع تي موري ۾ ڄائو. پاڻ ٿورو پڙهيل هوندي به ننڍي هوندي کان ئي علم ۽ ادب سان چاهه رکندو هو. کيس شاعريءَ جو شوق ’الوحيداخبار جي ’سنڌ آزاد نمبر‘ پڙهندي جاڳيو. ان بعد پاڻ پنهنجي منهن شاعري ڪرڻ لڳو، جيڪا گهڻي قدر عشقيه ۽ صوفياڻي هوندي هئي. موري ۾ ’بزم سعيد‘ پاران شروع ڪيل مشاعرن ۾ شرڪت ڪيائين. قصيدا، مناقبا، مناجاتون ۽ نظم لکيائين. سندس پهريون نظم ’اڄوڪو زمانو‘ جي عنوان سان ’اداره آئينه ادب‘ موري طرفان نڪرندڙ پهرئين ڪتاب ’لهرون لک لباس‘ ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو